سورج مکيءَ کيت

سورج مکيءَ کيت

سورج مکيءَ کيت

سورج مکيءَ کيت (ڪتاب): نامياري شاعر مختيار گهمري جو هيءُ شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ بيت، دوها، وايون، گيت ۽ غزل شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ اسحاق سميجي لکيو آهي ۽ مقصود گل جا تاثرات شامل آهن. هن ڪتاب جي هر هڪ صنف جي شروعات ۾ صنف جو تعارف پڻ ڏنل آهي، جهڙوڪ: ’بيت- جي صنف تي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي‘؛ ’وائيءَ تي مقصود گل‘؛ ’دوهي تي آغا سليم‘؛ ’گيت تي تاج جويي‘ ۽ ’غزل تي شيخ اياز‘ جا مختصر تعارف شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جو انتساب ليکڪ پنهنجي ٽن استادن ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، استاد بخاري ۽ قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر غلام رسول گهمري جا تاثرات ڏنا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هيءُ ڪتاب 2010ع ۾ جاڳرتا فورم سکر پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو